آمريڪا جا ايران تي فضائي حملا، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪا، ايران جون جوابي دعوائون؛ ڇڪتاڻ نئين مرحلي ۾ داخل

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي، آمريڪي فوج ايران خلاف فضائي ڪارروايون شروع ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ايران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جي تصديق ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل مبينا دهشتگرد نيٽ ورڪن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن جي گرفتاري جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان دوران ايراني صدر مسعود پزشڪيان قوم کي ثابت قدم رهڻ جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته ايران ظلم ۽ دٻاءَ آڏو ڪڏهن به نه جهڪندو.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجن تي ٿيل حملن جي جواب ۾ ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب سينيئر آمريڪي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج ايران اندر موجود مختلف هدفن کي نشانو بڻائي رهي آهي.

هوڏانهن ايراني سرڪاري ۽ مقامي ميڊيا موجب ڏکڻ ايران جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. رپورٽن مطابق قشم ٻيٽ ۾ ٽي ڌماڪا ٿيا، جڏهن ته مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هڪ ميزائل رهائشي علائقي ۾ ڪري پيو. بوشهر صوبي، جتي ايران جو واحد ايٽمي بجلي گهر موجود آهي، اتي پڻ ڌماڪن جا اطلاع مليا. ان کانسواءِ بندر عباس، ابوموسيٰ، ڪيش ۽ قشم جي ٻيٽن تان به ڌماڪن جون رپورٽون سامهون آيون آهن. بهرحال، جاني نقصان بابت اڃا تائين ڪا سرڪاري يا آزاد تصديق سامهون ناهي آئي.

ٻئي طرف ايران جي اطلاعات واري وزات دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل مبينا دهشتگرد تنظيم جا چار سرگرم نيٽ ورڪ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزارت موجب آپريشن دوران 15 شڪي دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڪيترائي ڪلاشنڪوف رائفلون پڻ هٿ ڪيون ويون.

ان دوران ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران دشمن خلاف مزاحمت جو نئون مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته ايراني قوم ناانصافي ۽ ظلم آڏو ڪڏهن به سر نه جهڪائيندي ۽ ملڪ جي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. صدر موجب ايراني عوام کي موجوده حالتن ۾ اتحاد ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايران طرفان مبينا ميزائل حملي کانپوءِ سخت ردعمل جي ڌمڪي ڏني هئي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي دفاعي نظام ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل منٽن اندر تباهه ڪري ڇڏيا ۽ ايران کي سخت جواب ڏنو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں