لاهور: گڏيل قومن جي اداري موجب موسمياتي تبديلي ٻارن جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جا 3 ڪروڙ 40 لک ٻار سخت گرمي، هيٽ ويوز ۽ ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
گڏيل قومن جي تازي رپورٽ مطابق پاڪستان جا 3 ڪروڙ 40 لک ٻار اهڙن علائقن ۾ رهن ٿا، جتي سخت گرمي، ڏڪار ۽ اوچتي ٻوڏ (فليش فلڊز) سندن زندگي ۽ صحت لاءِ مسلسل خطرو بڻجي چڪا آهن. سخت گرمي هجي، هيٽ ويو هجي يا اوچتو ايندڙ ٻوڏ جا وهڪرا، موسمياتي تبديلي جو هر اثر سڀ کان پهريان ٻارن تي پئجي رهيو آهي.
ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالجبار ڀٽو جو چوڻ آهي ته اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. لڳ ڀڳ ساڍا 3 ڪروڙ ٻار خطري ۾ آهن. نه رڳو انهن جي زندگين کي خطرو آهي، پر جيڪي ٻار بچي وڃن ٿا، انهن جي صحت کي به ڪيترن ئي قسمن جا خطرا آڏو آهن.
ماهرن موجب اترين علائقن ۾ دريائن، ندي نالن ۽ گليشيئرز جي ويجهو رهندڙ ٻار فليش فلڊز جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ميداني ۽ ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ ٻارن لاءِ هيٽ ويوز ۽ انتهائي گرمي پد سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي رهيا آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن دوران والدين کي ٻارن جي تحفظ، پاڻي جي کوٽ کان بچاءَ ۽ احتياطي تدبيرن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو.
صحت واري وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رابعه جاويد جو چوڻ آهي ته يا ته اوهان جي علائقي ۾ اوچتو تمام تيز ڪلائوڊ برسٽ ٿيندو، جنهن سبب سمورو پاڻي هڪ ئي وقت هيٺ لهي ايندو، يا وري جيڪڏهن اوهان جي علائقي ۾ هيٽ ويو وڌي وئي ته ان جي نتيجي ۾ گليشيئر تيزي سان ڳرڻ شروع ٿي ويندا ۽ اوچتو پاڻي جو وڏو وهڪرو هيٺ اچي سگهي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ اهي ٻار، جيڪي پنهنجي والدين سان گڏ گهرن ۾ رهن ٿا، فليش فلڊ جي خطري جي لپيٽ۾ اچي وڃن ٿا.
يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديلي جا اهي ئي خطرا خطي جي لڳ ڀڳ 29 ڪروڙ 60 لک ٻارن کي متاثر ڪري سگهن ٿا، جن ۾ پاڪستان، نائجيريا ۽ ڀارت جا ڪروڙين ٻار شامل آهن.