ڪوٽ غلام محمد:(نمائندو ڊبليو ٽي اين ) سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ، دريائي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ، پوڇڙي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ماحولياتي تباهي ۽ عورتن خلاف ڪارو ڪاري جي نالي ۾ ٿيندڙ تشدد خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪوٽ غلام محمد ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ سياسي، سماجي، قومپرست، هاري، مزدور، شاگرد، عورتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندا پريس ڪلب پهتا، جتي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ڄاڻي واڻي پاڻي کان محروم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب زراعت تباهه ٿي رهي آهي، لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي رهي آهي ۽ پوڇڙي وارن علائقن ۾ سمنڊ جي چاڙهه، ماحولياتي آفتن ۽ بيروزگاري سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
مقررن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ هر صوبي جو آئيني حق آهي، پر سنڌ سان مسلسل ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن، دريائن ۾ ماحولياتي وهڪرو يقيني بڻايو وڃي ۽ پوڇڙي وارن علائقن کي تباهي کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
جلسي کي خطاب ڪندڙ اڳواڻن عورتن خلاف ڪارو ڪاري، گهريلو تشدد ۽ ٻين ظلمن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اهڙن ڏوهارين کي قانون موجب سخت سزائون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. هنن زور ڀريو ته عورتن جي جان، عزت ۽ بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
احتجاج جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مصنوعي کوٽ ختم ڪئي وڃي، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ماحولياتي تباهي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ ڪارو ڪاري سميت عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جو خاتمو آڻي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.