لائیو شفیع محمد شاهه جي نياڻي والدين جي شادي جون خوبصورت يادون تازيون ڪري ڇڏيون

فہرستِ مضامین

پاڪستان ٽيليويزن جي ناليواري ۽ ليجنڊ اداڪار شفيع محمد شاهه جي ڌيءَ پنهنجي والد جي ياد تازي ڪندي سندس شادي جي هڪ دلڪش تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي۔

فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽفارم انسٽاگرام تي سرگرم رهندڙ مرحوم اداڪار جي ڌيءَ يادگار تصوير سان گڏ هڪ دلچسپ قصو پڻ شيئر ڪيو آهي۔

هن لکيو آهي ته منهنجي والده کي پنهنجي شادي واري ڏينهن جو ميڪ اپ پسند نه آيو، تنهنڪري هوءَ واپس گهر آئي، سڄو ميڪ اپ ڌوئي ڇڏيو ۽ پوءِ منهنجي خالا سندس ٻيهر ميڪ اپ ڪيو. ٻئي پاسي منهنجا والد ايترا پُرسڪون هئا جو تقريب ۾ پنهنجي خاندان ۽ اڪثر مهمانن کان به اڳ پهچي ويا هئا۔

هن وڌيڪ لکيو ته منهنجي والده جو مامو، جيڪو فوج ۾ هو ۽ نهايت رعبدار شخصيت جو مالڪ هو، منهنجي والد کي ڏسي مزاحيه انداز ۾ چيو: “توهان هتي اڪيلا ڇو اچي ويا آهيو؟” اهو اهڙو لمحو هو جنهن تي سڀ بي اختيار مُرڪي پيا. گهوٽ ايترو جلدي پهچي ويو هو، ڄڻ سڀني جو انتظار ڪري رهيو هجي.

اداڪار جي ڌيءَ ٻڌايو ته تصوير ۾ منهنجو والد جنهن ننڍڙي ٻارڙي کي هنج ۾ کنيو آهي، اها منهنجي والده جي خالا جي ڌيءَ آهي. تمام ٿوري عرصي ۾ هو منهنجي والده جي خاندان جو اهڙو حصو بڻجي ويا هئا، ڄڻ هميشه کان ئي ان خاندان سان واسطو رکندا هجن. اها 1984ع جي ڳالهه آهي. زندگي يقيناً مڪمل نه هئي، پر انساني رشتن ۾ هڪ اهڙي سادگي ۽ خلوص موجود هو، جيڪو اڄڪلهه تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هن اهو به لکيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسين ٻيهر ان ئي دنيا ڏانهن موٽي سگهون، جتي فريب بدران سچائي، سهولت بدران وفاداري، انا بدران احترام، بي مقصد مصروفيتن بدران حقيقي ڳالهيون ۽ صرف هڪ پيالي چانهه تي گڏ ويهڻ جي خوشي هوندي هئي. مون کي اميد آهي ته اسان جون ايندڙ نسلون به هڪ ڏينهن ان دنيا کي سڃاڻي سگهنديون، ڇو ته في الحال ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اسين ان کي ڪٿي پوئتي ڇڏي آيا آهيون.

شفيع محمد شاهه جي شادي جي هن يادگار تصوير کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. صارف نه رڳو هن خوبصورت ياد کي ساراهي رهيا آهن، پر شفيع محمد شاهه جي وجيهه شخصيت ۽ دلڪش انداز جي به واکاڻ ڪري رهيا آهن.

ڪيترن ئي مداحن جو چوڻ آهي ته ماضيءَ جو دور وڌيڪ پُرسڪون هو ۽ 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ پلجندڙ نسل نسبتاً سادي، خلوص ڀري ۽ سڪون واري زندگي جو تجربو ڪيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں