ملڪ جي مختلف علائقن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب ڪشمور، قمبر ۽ ڪراچي جي ضلع اوڀر ۽ ضلع اولهه جي نيڪال واري پاڻي (سيوريج) جي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي.
اين اي او سي موجب بلوچستان جي ضلعن ڊيرھ بگٽي ۽ چمن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس مليو آهي.
ان کان علاوه پشاور ۽ بنون جي سيوريج نمونن ۾ به پوليو وائرس جي موجودگي ملي آهي.
ٻئي طرف پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي سمورن ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس نه مليو آهي.