ميروخان (رپورٽ: مشتاق احمد لاشاري) ميرو خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ۽ ڇتن ڪتن هڪ ئي خاندان جي 10 ڀاتين سميت 25 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.
ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آھي تہ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ٽائون ۽ يونين ڪائونسلز جي انتظاميا ڪتا مار مهم شروع ڪري عوام کي ڪتن کان تحفظ فراهم ڪري.
رولو ۽ ڇتن ڪتن ڳوٺ شهبيگ چانڊيو ۾ هڪ ئي گهر جي هدايت علي، رباب، زرينا ،صبغت ﷲ ،ثمرين، سميره، آسيا چانڊيو سميت 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اسپتال انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ ميروخان شهر سميت مختلف ڳوٺن ۾ حسنين کوکر، اقرا بروهي ،شهزادو ، قلب حسين سميت وڌيڪ 15 ڄڻن کي رولو ۽ ڇتن ڪتن چڪ هنيا.
اسپتال انتظاميہ موجب رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهلين کي تعلقه اسپتال ميروخان مان ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائي وئي آهي.