لائیو پاڪستان ۾ ترسيل غير قانوني افغان شھري 10 جولاءِ تائين ملڪ مان نڪري وڃن: وفاقي حڪومت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان جي گهرو وزارت هڪ هدايت نامو جاري ڪندي چيو آهي ته 10 جولاءِ 2026 کان پاڪستان ۾ صحيح (Valid) ويزا کانسواءِ رهندڙ هر افغان شهري کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو.

گهرو وزارت پاران سڀني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر ڏانهن موڪليل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو پھرين جون 2026 تي ٿيل غير قانوني پرڏيهين جي واپسي واري منصوبي (Illegal Foreigners’ Repatriation Plan – IFRP) جي جائزي واري اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اجلاس ۾ سڀني صوبائي حڪومتن، خاص علائقن جي انتظاميا ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي هئي ته افغان شهرين جي وطن واپسي ۽ ملڪ بدري، جن ۾ ويزا جي مدي کان وڌيڪ رهندڙ (Visa Overstay) ماڻهو به شامل آهن، واري عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ IFRP تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 10 جولاءِ 2026 کان جيڪو به افغان شهري پاڪستان ۾ صحيح ويزا کانسواءِ رهندڙ مليو، ان کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

ان سان گڏ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن انهن حڪمن تي هڪجهڙو ۽ اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي.

وزارت وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته 11 جولاءِ 2026 کان روزاني بنياد تي گهرو وزارت کي رپورٽ موڪلي وڃي، جنهن ۾ هي تفصيل شامل هجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں