لائیو پيمرا پاران جيو نيوز جي نشريات 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: (بيورورپورٽ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جيو نيوز جي نشريات 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيمرا موجب 10 محرم الحرام، 26 جون 2026ع تي نشر ٿيندڙ مذهبي پروگرام “سفرِ عشق” ۾ اهڙي مذهبي منظرڪشي ۽ تصوراتي پيشڪش ڪئي وئي، جيڪا قابل قبول نه هئي ۽ پيمرا جي ضابطن جي ڀڃڪڙي هئي.

پيمرا پنهنجي نوٽيس ۾ چيو آهي ته پروگرام ۾ پيش ڪيل مواد نه رڳو لائسنس جي شرطن جي خلاف هو، پر ملڪ جي مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن سان به ٽڪراءَ ۾ هو. اداري جو چوڻ آهي ته اهڙي مواد سبب مذهبي جذبا مجروح ٿيا يا مجروح ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿيو، تنهن ڪري جيو نيوز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

ريگيوليٽري اداري موجب مذهبي پروگرام نشر ڪرڻ وقت چينل انتظاميا تي لازم هو ته انتهائي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجي اندروني ايڊيٽوريل يا جائزي واري ڪميٽي ذريعي مواد جي جانچ ڪري، پر جيو نيوز ان ذميواري کي نڀائڻ ۾ ناڪام رهي.

پيمرا جي حڪم تحت جيو نيوز جو لائسنس فوري طور 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي، جنهن دوران چينل جون نشريات سيٽلائيٽ، ڪيبل ۽ ٻين سڀني نشرياتي نيٽ ورڪن تي بند رهنديون. سمورن ڪيبل آپريٽرن ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان حڪم تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

پيمرا وڌيڪ چيو آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ لاءِ شڪايتن واري ڪائونسل پڻ ٻڌڻي ڪندي، جيڪا اضافي ريگيوليٽري ڪارروائي بابت سفارشون تيار ڪندي.

اداري جيو نيوز کي اها به هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي اداري اندر انڪوائري ڪري، ذميوارن جو تعين ڪري ۽ يقين ڏيارين ته مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جي ڪنهن به خلاف ورزي کي ورجائڻ کان پاسو ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں