لائیو سنڌ جو 720 ارب رپين جو ترقياتي پروگرام، ڪي ٽي بندر منصوبي سميت اهم ترقياتي منصوبا شامل

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورورپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جو ترقياتي پروگرام 720 ارب رپين تي ٻڌل آهي، جنهن مان رڳو ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 206 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي ڪمن، تعليم، صحت ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري کي ترجيح ڏئي رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي جاري عام بحث جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته گل پلازه سانحي جي جاچ رپورٽ جلد عوام آڏو پيش ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به صوبي ۾ بجيٽ اپوزيشن کان پڇي تيار نه ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته مالي وسيلن جي کوٽ سبب هن ڀيري پري بجيٽ اجلاس نه سڏايو ويو.

مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪيٽي بندر ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت “سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر” قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو صوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيندو.

هن چيو ته هلندڙ سال دوران سنڌ حڪومت صوبي ۾ 2,009 اسڪولن جي تعمير ۽ بحالي جا منصوبا مڪمل ڪيا آهن، جڏهن ته سکر بئراج جا سمورا 44 دروازا تبديل ڪيا ويا آهن، جيڪي آبپاشي نظام لاءِ اهم قدم آهن.

وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا آهن ۽ مالي مشڪلاتن باوجود تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجا انتظامي خرچ گهٽايا آهن، پر عوامي ڀلائي وارن شعبن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويو آهي.

سياسي معاملن تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو ناهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت مان مراد وزيراعظم ۽ وفاقي وزير هوندا آهن، جڏهن ته صدر ۽ سينيٽ جو چيئرمين حڪومت جو حصو ناهن سمجهيا ويندا.

هن چيو ته هو ڪنهن به سياسي ڌر کي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو نٿا چون، پر اها اميد ضرور رکن ٿا ته سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ آئيني معاملن تي سڀئي سياسي قوتون گڏجي آواز اٿارين.

معاشي پاليسين بابت وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي سوچ رڳو امدادي يا عارضي منصوبن تائين محدود ناهي، پر پائيدار معاشي ترقي، روزگار، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جي مضبوط ڪرڻ تي ٻڌل آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں