لائیو اداڪارا نمره خان مڙس سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي، وڊيو وائرل

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي ناليواري اداڪارا نمرھ خان پنهنجي مڙس سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي۔

نمره خان تازو برطانيا ۾ رهندڙ هڪ پائلٽ سان شادي ڪئي آهي۔

اداڪارا شادي کانپوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ عمرو ادا ڪيو، جنهن جي وڊيو هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي۔

نمره خان وڊيو جي ڪيپشن ۾ جذباتي پيغام لکندي چيو ته هي اهو خواب آهي، جيڪو پورو ٿيڻ کانپوءِ به خواب جهڙو محسوس ٿي رهيو آهي۔

هن وڌيڪ لکيو ته يا الله، منهنجي مڙس منهنجي سالگرهه ۽ عمري جي سعادت کي ايترو يادگار ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي۔

ان سان گڏ اداڪارا پنهنجي مڙس لاءِ گهڻيون دعائون پڻ ڪيون۔

اداڪارا جي هن پوسٽ کانپوءِ نه رڳو شوبز شخصيتن پر مداحن طرفان به کيس عمري جي مبارڪباد ڏني پئي وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں