فيفا ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اپ سيٽ، ايڪواڊور جرمني کي 2-1 تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي۔
جرمني اڳ ئي ٽورنامينٽ جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو هو۔
هڪ ٻئي ميچ ۾ آئيوري ڪوسٽ ڪوراساؤ کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو۔
جاپان ۽ سويڊن جو ميچ 1-1 گول سان برابر رهيو، ۽ ٻنهي ٽيمن ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي۔
هڪ ٻئي ميچ ۾ نيدرلينڊز تيونس کي ھڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن سان شڪست ڏني۔
ان کان علاوه ترڪي آمريڪا کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن سان هارائي ڇڏيو، جڏهن ته پيراگوئي ۽ آسٽريليا جو مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو۔