اڳوڻي ومبلڊن چيمپيئن ڪرس ايورٽ انڪشاف ڪيو آهي ته بي رحم ڪينسر ٽيون ڀيرو ٻيهر واپس اچي ويو آهي۔
18 گرينڊ سلم ٽائيٽلز کٽيندڙ ڪرس ايورٽ چيو آهي ته هوءَ هميشه پنهنجي صحت بابت کليل نموني ماڻهن کي آگاهه ڪندي رهي آهي۔
ڪرس ايورٽ موجب گذريل هفتي ڪرايل مختلف اسڪينن مان معلوم ٿيو ته ڪينسر هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي ويو آهي۔
هن ٻڌايو ته هوءَ اڳ به سرجري ڪرائي چڪي آهي ۽ هاڻي صحتيابي لاءِ ايندڙ هفتن ۾ ڪيموٿراپي ڪرائيندي۔
هن چيو ته ڪينسر بي رحم بيماري آهي، پر هوءَ پُراميد ۽ پُرعزم آهي ته هن بيماري خلاف هيءَ جنگ ضرور وڙهندي۔
ڪرس ايورٽ 1989ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ براڊڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، ۽ هن ڀيري ومبلڊن دوران هوءَ پنهنجي براڊڪاسٽنگ جون ذميواريون انجام نه ڏئي سگهندي۔