لائیو آبنائي هرمز ۾ عدم استحڪام جا ذميوار آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران تي حملن ۾ شامل ملڪ آهن: ايران

فہرستِ مضامین

ايران جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ عدم استحڪام جا ذميوار آمريڪا، اسرائيل ۽ اهي ملڪ آهن، جيڪي ايران خلاف حملن ۾ شريڪ رهيا آهن۔

ايران جو چوڻ آهي ته خطي ۾ پائيدار سلامتي رڳو علائقائي ملڪن جي پاڻ ۾ سهڪار ۽ غير ملڪي مداخلت کان سواءِ ئي ممڪن آهي۔ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت جو انتظام اسلام آباد ميمورنڊم جي آرٽيڪل 5 موجب ڪيو ويندو۔

ايران جي پرڏيهي وزارت موجب خليجي ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو مستقبل ۾ پنهنجي سرزمين ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين۔

ايراني پرڏيهي وزارت 25 جون تي آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ جي سي سي جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل بيان کي مداخلت پسند، غير ذميواراڻو ۽ اشتعال انگيز قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙيون پاليسيون خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿيون۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں