روھڙي (رپورٽ: نبي بخش شر) حضرت امام حسین علیہ السلام ۽ سندس جانثارن جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ صبح جي پهرين پهر چئين وڳي شاھ عراق مور شاھ جي پڙ تان تاريخي 500 سالا نون ڍالن وارو ماتمي جلوس بر آمد ٿيو.
روهڙي جي تاريخي شمع گل ماتم کي ڪلهو ڏيندي ماڻهن جي لتاڙ ۾ 4 عزادار سخت زخمي ٿي پيا جن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتين مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ عمران ۽ نويد شيخ طور ٿي آهي جن جو تعلق ڪنڌڪوٽ سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ ٻن ڄڻن جي لاشن جي سڃاڻپ اڃان ناهي ٿي سگهي.
ماتمي جلوس دوران گرمي ٻوسٽ ۽ ماڻهن جي لتاڙ سبب ويهن کان مٿي عزادار زخمي پڻ ٿي پيا جن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
ماڻهن جي لتاڙ ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش روهڙي تعلقي اسپتال جي مردا خاني ۾ پيل آهن روهڙي انتظاميان جو چوڻ آهي تہ موبائل نيٽ ورڪ بند هجڻ ڪري فوتين جي وارثن سان رابطو نٿو ٿي سگهي وارثن سان رابطي جي ڪوششون جاري آهي رابطي بعد فوتين جا لاش سندن ايمبولينس ذريعي اباڻن علائقن ۾ پهچايا ويندا.