لائیو سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي نالي تي قتل جا واقعا جاري، پنجن مهينن دوران 69 ڄڻا قتل

فہرستِ مضامین

ڪراچي:(خاص رپورٽ) سنڌ ۾ عورتن ۽ مردن کي ڪاروڪاري يا نام نهاد “غيرت” جي نالي تي قتل ڪرڻ جا واقعا روڪجڻ بدران جاري آهن. سال 2026ع جي پهرين پنجن مهينن دوران صوبي ۾ 66 واقعن ۾ 69 ڄڻا قتل ڪيا ويا، جن مان 57 عورتون ۽ 12 مرد شامل آهن.

پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي انگن اکرن موجب ڪاروڪاري جا سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ٿيون آهن، جيڪي مجموعي مقتولن جو وڏو حصو بڻجن ٿيون. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا نه رڳو انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، پر عورتن خلاف سماجي تشدد جي به عڪاسي ڪن ٿا.

رپورٽ موجب ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيل ماڻهن جا قاتل گهڻو ڪري سندن ويجها مائٽ هئا.

انگن اکرن موجب 22 مقتولن کي سندن مڙسن قتل ڪيو.5 کي سندن والد قتل ڪيو.14 ڀائرن جي هٿان ماريون ويون. 20 ٻين مائٽن جي هٿان قتل ٿيون.9 واقعا پاڙيسرين، دوستن يا ٻين ماڻهن سان لاڳاپيل هئا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن ۾ گهڻو ڪري ذاتي تڪرارن، زمين جي معاملن، خانداني دشمني يا عورتن تي بي بنياد الزام هڻڻ جا عنصر به شامل هوندا آهن.

ڪاروڪاري جي واقعن ۾ مختلف قسمن جا هٿيار استعمال ڪيا ويا.

رپورٽ موجب 3 واقعن ۾ ڪلاشنڪوف يا اسٽين گن استعمال ڪئي وئي. 8 واقعن ۾ شاٽ گن استعمال ٿي. 22  واقعن ۾ ريولور يا پسٽول استعمال ٿيا. ڪجهه واقعن ۾ ڇريون، خنجر ۽ ٻيا تيز ڌار وارا هٿيار استعمال ڪيا ويا.

صوبي ۾ ڪاروڪاري جا سڀ کان وڌيڪ واقعا سکر رينج ۾ رپورٽ ٿيا.

علائقائي ورهاست هن ريت آهي سکر رينج: 25 واقعا، لاڙڪاڻو رينج: 24 واقعا، شهيد بينظير آباد رينج: 7 واقعا، حيدرآباد رينج: 4 واقعا، ميرپورخاص رينج: 4 واقعا، ڪراچي رينج: 3 واقعا اھي انگ ظاهر ڪن ٿا ته اتر سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين ڪاروڪاري جي روايت کان گهڻو متاثر آهن.

سال 2025ع جي ساڳئي عرصي دوران سنڌ ۾ 78 واقعن ۾ 95 ڄڻا قتل ٿيا هئا، جن مان 68 عورتون شامل هيون.

انهيءَ ڀيٽ ۾ 2026ع دوران واقعن ۽ مقتولن جي تعداد ۾ ڪجهه گهٽتائي نظر اچي ٿي، پر انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته هڪ به اهڙو قتل قبول جوڳو ناهي ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪاروڪاري جي نالي تي قتل قانوني طور سنگين جرم آهي. مختلف قانوني سڌارن باوجود اهڙا واقعا مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيا آهن.

انساني حقن جي تنظيمن جو مطالبو آهي ته ڪاروڪاري جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. عورتن جي تحفظ لاءِ قانونن تي مؤثر عمل ڪرايو وڃي. قبائلي ۽ جاگيرداري روايتن جي نالي تي ٿيندڙ تشدد جو خاتمو آندو وڃي. متاثرين کي قانوني ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو قانون سازي ڪافي ناهي، پر سماجي شعور، تعليم ۽ عورتن جي حقن بابت آگاهي وڌائڻ سان ئي اهڙن المناڪ واقعن کي روڪي سگهجي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں