فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ارجنٽينا ليونل ميسي جي ٻن شاندار گولن جي مدد سان آسٽريا کي شڪست ڏئي راؤنڊ آف 32 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو۔
سومر ڏينهن ڊلاس اسٽيڊيم ۾ ارجنٽينا فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي گروپ جي ميچ ۾ آسٽريا کي 0-2 تان شڪست ڏئي راؤنڊ آف 32 لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي۔
هي ارجنٽينا جي لڳاتار ٻي ڪاميابي هئي۔
ميچ جو فيصلو ڪندڙ لمحو 39هين منٽ ۾ آيو، جڏهن ليونل ميسي پهريون گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري۔ ان کان اڳ پهرين هاف ۾ ارجنٽينا کي پنالٽي ملي هئي جيڪا ضايع ٿي وئي، پر ان باوجود ٽيم ڪيترائي خطرناڪ حملا ڪيا۔
ٻئي هاف جي شروعات ۾ آسٽريا واپسي جي ڪوشش ڪئي۔ 47هين منٽ ۾ مارسيل سابٽزر هڪ خطرناڪ شاٽ هنيو، پر هو ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ ارجنٽينا جي ڊفينس خطرو ختم ڪري ڇڏيو۔
ميسي مسلسل ارجنٽينا جي حملن جو مرڪز رهيا۔ هڪ موقع تي ٻن رانديگرن کي چڪمو ڏئي هن فري ڪِڪ حاصل ڪئي، پر ان مان ڪو به گول نه ٿي سگهيو۔
56هين منٽ ۾ آسٽريا کي به فري ڪِڪ ملي، پر ايمليانو مارٽينيز جي شاندار سيو سان ارجنٽينا جي برتري برقرار رهي۔
ميچ جي اختتامي لمحن ۾ ارجنٽينا برتري وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي۔ اسٽاپيج ٽائيم ۾ ميسي هڪ ٻيو گول ڪري اسڪور 0-2 ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ريفري فوراً ميچ ختم ڪري ڇڏيو۔
هن فتح سان ارجنٽينا نه صرف 3 پوائنٽس حاصل ڪيا، پر ٽورنامينٽ جي ايندڙ مرحلي لاءِ به پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي۔
ميسي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ فٽبالر بڻجي ويو
ميسي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ميچ ۾ آسٽريا خلاف رڪارڊ ساز گول ڪيو ۽ ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ وارو رانديگر بڻجي ويو۔
آسٽريا خلاف ٻن گولن کان پوءِ ليونل ميسي جا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي گول 18 ٿي ويا آهن، جنهن سان هن جرمني جي اسٽار فٽبالر ميرو سلاو ڪلوزي جو 16 گولن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو۔
ميسي کان پوءِ هاڻي هن فهرست ۾ ميرو سلاو ڪلوزي 16گولن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته برازيل جو رونالڊو نزارويو15 گولن سان ٽئين نمبر تي آهي۔