پيرس: فرانس ۾ سخت گرمي جي لهر ۽ ان سان لاڳاپيل واقعن سبب گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن۔
برطانوي نيوز ايجنسي موجب گذريل ڪجهه ڏينهن کان يورپ جا ڪيترائي ملڪ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن، ۽ سومر ڏينهن گرمي پد پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويو۔
فرانس ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن يا انهن جا وقت تبديل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني دوران گرمي جي شدت وڌيڪ وڌي سگهي ٿي۔
بورڊاڪس شهر ۾ گرمي پد 41.9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، جنهن سان گذريل سال آگسٽ جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جڏهن ته وچ فرانس جي شهر پوئٽيئرز ۾ گرمي پد 41.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 1947ع کان پوءِ ان علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي هئي۔
اسپين جي نسبتاً ٿڌي سمجهي ويندڙ شهر سين سباسچيئن سيباستيان ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جيڪو اتان جي روايتي موسم کان ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يورپ پنهنجي روايتي موسمي حالتن کان پري ٿيندو پيو وڃي۔
ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائزيشن اپريل ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته يورپ عالمي سطح تي وڌندڙ گرمي جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي رفتار سان گرم ٿي رهيو آهي۔
فرانس جي ڏکڻ اوڀر واري شهر ڪارپينٽراس ۾ ٻه ٻار هڪ اهڙي گاڏي اندر فوت ٿي ويا جيڪا سخت سج ۾ بيٺل هئي۔ وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن، پر جڏهن سندن ماءُ گاڏي وٽ پهتي ته ٻن ۽ چئن سالن جا ٻار بيهوش هئا۔ رڙيون ڪرڻ تي ماڻهو ۽ امدادي ڪارڪنن اتي پھتا جن ٻارڙن کي ھوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه بچائي سگهيا۔
ساڳئي ريت بورڊاڪس جي سرڪاري عملدارن موجب 80 کان 95 سالن جي عمر وارا ٽي بزرگ به گرمي سبب فوت ٿي ويا۔
سخت گرمي سبب ماڻهو ٿڌن هنڌن ۽ ترڻ جي جڳهن جو رخ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گرمي کان بچڻ جي ڪوشش دوران مختلف هنڌن تي وهنجندي 13 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن۔
اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل اونهاري ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙن جي شرح ۾ 172 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت به سخت گرمي سبب ماڻهو ٿڌن ماڳن ڏانهن وڃي رهيا هئا۔
لنڊن جي امپيريل ڪاليج سان لاڳاپيل موسميات جي ماهر ڪليئر بارنس موجب يورپ کي متاثر ڪندڙ هن گرمي جي لهر کي “اوميگا بلاڪ” چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها يوناني حرف اوميگا جهڙي شڪل اختيار ڪري ٿي، يعني ان صورت ۾ وچ ۾ انتهائي گرم هوا جو دٻاءُ هوندو آهي، جڏهن ته چوڌاري نسبتاً ٿڌي هوا موجود هوندي آهي۔
سخت گرمي سبب فرانس سميت ٻين ملڪن جي گرم علائقن ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن، ڪيترايون ئي تقريبون منسوخ ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه ريلوي خدمتون پڻ معطل ڪيون ويون آهن۔