پنجگور: بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز پنجگور جي علائقي جيرڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ مواصلاتي سامان هٿ ڪري ورتو۔ آپريشن دوران گاڏي مان 4 راڪيٽ فيوز ۽ ڪيترائي آءِ اي ڊيز به ضبط ڪيا ويا۔
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ڌماڪيدار مواد ڪنهن وڏي دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو۔
سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ پيشورانه ڪارروائي سبب هن منصوبه بندي کي ناڪام بڻائي علائقي کي هڪ وڏي تباهي کان بچايو ويو۔
دهشتگردي خلاف هي ڪامياب ڪارروائي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن دشمن عنصرن خلاف مضبوط ديوار بڻيل آهن۔