لائیو روس-يوڪرين تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين جو عمل بحال ڪيو وڃي: پاڪستان

فہرستِ مضامین

نيو يارڪ: پاڪستان روس-يوڪرين تڪرار جي خاتمي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ڳالهين جي عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔

اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي جاري ڪيل بيان موجب، يوڪرين جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي ۽ سفير عثمان جدون افسوس جو اظهار ڪيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ڪا به مثبت اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي، جنهن سبب هي تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي۔

پاڪستاني سفير چيو ته جنگ سبب عام شهرين ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، تنهنڪري تڪرار جي حل لاءِ فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ تعميري سفارتڪاري اختيار ڪرڻ گهرجي۔

پاڪستان يوڪرين تڪرار جي پرامن حل جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ هر اهڙي ڪوشش جي حمايت ڪئي آهي جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ سڀني ڌرين جي جائز قومي سلامتي مفادن کي نظر ۾ رکي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں