اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ برگن اسٽاڪ ڳالهين جو آغاز ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٿي سگهي پيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار عرب ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته لبنان تي اسرائيلي حملن ڳالهين جي عمل کي سخت متاثر ڪيو، ۽ آمريڪي ۽ ايراني وفدن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جون ڪوششون لڳ ڀڳ بيهي ويون هيون.
اسحاق ڊار چيو ته مفاهمتي ڪوششن کان پوءِ فني سطح جون ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيون آهن، ۽ اهي ڳالهيون تازي مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد لاءِ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي ڪوششن جو ٻيو مرحلو آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته ايران يورينيم ٻاهر موڪلڻ بدران ان جي افزودگي جي سطح گهٽ ڪندو، جڏهن ته جوهري پروگرام، پابندين ۽ منجمد اثاثن بابت ورڪنگ گروپ سرگرم آهن. لبنان سان لاڳاپيل معاملا به ڳالهين جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان سڄي عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪجهه معاملن کي طئي ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو ٽائيم فريم رکيو ويو آهي.
هن چيو ته آبنائي هرمز مان جهاز 60 ڏينهن تائين بغير ڪنهن ٽيرف جي گذري سگهن ٿا، البت جهازن کي رڳو معياري نيويگيشن يا سروس فيس ادا ڪرڻي پوندي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهين جي ذاتي طور رهنمائي ڪئي، جڏهن ته سعودي عرب، قطر، مصر ۽ گڏيل عرب امارات ثالثي واري عمل جي حمايت ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين جو ايندڙ مرحلو سخت ٿي سگهي ٿو، پر حتمي معاهدو ممڪن آهي، ۽ هن ڊيل ۾ ڪو به منفي نڪتو شامل ناهي.