تهران: ايران جو چوڻ آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران 12 ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن جي آزادي لاءِ معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي دستخط مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ بابت رابطي جو هڪ نظام قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي۔
ايران جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو ته هن قدم جو مقصد ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ يا ڇڪتاڻ کان بچڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته لبنان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ تي به اتفاق ٿيو آهي، ۽ ڳالهين ذريعي لبنان جو معاملو حتمي حل تائين پهچايو ويندو.
هن چيو ته مقصد حاصل ٿيڻ تائين ڳالهين جو سلسلو نه ڇڏينداسين. رڳو فوجي ڪاميابي ڪافي ناهي، سفارتڪاري کانسواءِ حاصل ٿيندڙ فائدن کي مڪمل طور تي يقيني بڻائي نٿو سگهجي.