آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي وئي آهي، ۽ ايران آبنائي هرمز بابت تمام سٺو قدم کڻي رهيو آهي۔
صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي چڪي آهي۔
ٽرمپ ساڳئي وقت خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران معاهدي جي پابندي نه ڪندو ته هو جيڪو ضروري هوندو اهو قدم کڻندو. هن چيو ته جيستائين ايران اسان جو احترام ڪندو رهندو، تيستائين اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو يا تڪرار پيدا نه ٿيندو.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته ايران وڏي پيماني تي هٿيارن جي جاچ پڙتال تي راضي ٿي ويندو، ۽ مستقبل ۾ ڊگهي عرصي تائين جوهري شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ به تيار هوندو.