لائیو راولپنڊي: 3 ڏينھن گذرڻ بعد سيوريج نالي ۾ ٻڏي ويل 7 ورھين جي ٻارڙي جو لاش ھٿ اچي ويو

فہرستِ مضامین

راولپنڊي جي سيوريج نالي ۾ ٻڏي ويل 7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش ملي ويو۔

ريسڪيو ذريعن موجب سيوريج نالي ۾ ٻڏي ويل ٻارڙي جو لاش ڪڍڻ لاءِ ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو، جنهن دوران ڳري مشينري جي مدد سان ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو۔

ريسڪيو اختيارين موجب 7 ورهين جو وصال برسات کان پوءِ آءِ جي پي روڊ ڪچا اسٽاپ ويجهو پنهنجن دوستن سان وهنجندي پير ترڻ سبب سيوريج نالي ۾ ڪري پيو هو۔

ٻار جي نالي ۾ ڪرڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي هئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار جي ڪرڻ کان پوءِ ٻيا ٻار سندس پٺيان ڊوڙندا نظر آيا، جڏهن ته نالي جي مٿان نه ڪا فينسنگ هئي ۽ نه ئي ڪا حفاظتي ديوار موجود هئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں