لائیو مانجھند جي خيالن ۾ ڏٺل لياري ۽ ھاڻوڪو لياري

فہرستِ مضامین

محسن خاصخيلي

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جڏھن قدم رکيم پئي ته دل ۾ ڪيئي وسوسا، خدشا، پريشاني ، ڊپ ۽ دھشت دماغ تي ڇانيل ھئي ڇو جو جڏھن پنھنجي شھر مانجھند ھوندو ھيس ته ان وقت ٽي وي، اخبارن ۾ لياريءَ جا منظر ڪجھ اھڙا ھوندا ھيا جتي موت جي راند روز جو کيل ھوندي ھئي مونکي ڪڏھن اھو اندازو نه ھيو تہ وقت ڦرندو ۽ مان ڪراچي ايندس ۽ صحافت ڪندس وري ان علائقي ۾ اسپورٽس تي اسٽوري ڪرڻ جي اسائنمنٽ ملي جيڪو اسپورٽس جو ڳڙھ آھي.

ڊبليو ٽي اين اداري جو شڪرگذار آھيان، جنھن ھڪ مانجھند جي پٺتي پيل علائقي مان آيل ھڪ نوجوان کي ڪراچيءَ جي دل ۾ رپورٽنگ جو موقعو ڏنو. ڪراچي پھتس ته لياري بابت دوستن کان ڄاڻ ملي. سندن چوڻ ھو تہ لياري ماضيءَ ۾ گينگ وار جو مرڪز رھيو آھي۔ ارشد پپو، رحمان ڊڪيت، عزير بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا ھن علائقي سان لاڳاپيل رھيا آھن. پر ھي صرف ھڪ پاسو ھو اصل چھرو ته تڏھن ڏٺم جڏھن اداري طرفان ڪڪري گرائونڊ تي اسائنمنٽ ملي ۽ مان لياري وڃڻ لڳس.

دل ۾ ڊپ ھو، پر جڏھن لياري پھتس ته اکيون کولي ڏٺم۔ ھن علائقي جو چھرو بلڪل مختلف ھو جيڪو منھنجي سوچ ۾ ھو. ھنڌ ھنڌ تي فٽبال جا ميدان، رانديون کيڏندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، ۽ نوجوانن جو جوش، آھستي آھستي لياري بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي ته خبر پئي تہ لياري ۾ تہ سنڌ صوبي جو وڏو ٽيلنٽ موجود آھي.

لياريءَ ۾ نياڻين کي فٽبال جي ڪوچنگ ڏيندڙ فٽبال ڪوچ زبير فيض ٻڌايو ته ھو بہ ڪڪري گرائونڊ ۾ ننڍپڻ ۾ فٽبال سکيو ۽ محنت ۽ جستجو سان ھن فٽبال ۾ پاڻ مڃايو جو ھو اڄ لياريءَ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فٽبال جي ڪوچنگ ڏئي پيو ھن وڌيڪ چيو ته لياري واسين جي ڏنل قربانين جي بدلي ھنن کي ڪڪري گرائونڊ مليو جتي اڄ نوجوان فٽبال سان گڏوگڏ ٻين راندين جي ٽريننگ بہ حاصل ڪن ٿا ته پنھنجي صحت کي بھتر بنائڻ لاء جم جو بہ فائدو حاصل ڪن ٿا.

فٽبال جي سکيا وٺندڙ ناري ٻڌايو ته لياري سان تعلق رکندڙ ھن گرائونڊ ۾ سکيا وٺندڙ ستائش ۽ نمرا خاتون ناروي ۾ فٽبال کيڏڻ لاءِ ويون آھن. ھنن کان پھريان به ڪيتريون ئي ناريون عالمي سطح تي فٽبال کيڏي چڪيون آھن.

ھڪ جھوني فٽبال جي شوقين ٻڌايو ته ھن جوانيءَ ۾ شھيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي شادي پنھجي اکين سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ڏٺي تڏھن ھي گرائونڊ مٽي جي ڍير واري شڪل ۾ ھوندو ھيو ھاڻي سنڌ حڪومت ھن گرائونڊ کي عالمي سطح جو گرائونڊ بڻائي ڇڏيو آهي.

ھڪ پوڙھي فٽبال جي ريفري ٻڌايو ته ھو جڏھن ڪڪري گرائونڊ ۾ راند کيڏندا ھيا ته مٽي لڳڻ سبب سندن ڪپڙا خراب ٿي ويندا ھيا ته گھر وارا سندس مٿان ڪاوڙ ڪندا ھيا پر ان وقت جيڪڏھن اھي گرائونڊ ھجن ھا ته لياري جا فٽبال رانديگر شايد ورلڊ ڪپ تائين پاڻ مڃيائين ھا پر ھاڻي بہ نوجوان محنت ڪن پيا ۽ اھو وقت پري ناھي ته لياري فٽبال ۾ عالمي سطح تي پاڻ مڃائيندو.

لياري نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي فٽبال جو گھر سڏجي ٿو۔ ھن کي “مني برازيل” جو لقب ڏنو ويو آھي. ھن علائقي مان ڪيترائي عظيم فٽبالر پيدا ٿيا آھن جن پاڪستان جي فٽبال ٽيم کي شان بخشيو آھي. پر سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالھ اھا آھي تہ ھن علائقي جون ڇوڪريون آھن جيڪي روايتي رڪاوٽن کي پار ڪري پنھنجو نالو روشن ڪري رھيون آھن.

فٽبال، ڪراٽا، ريسلنگ، باڪسنگ ۽ ٻيون رانديون ھن علائقي ۾ ڇوڪرن جو موروثي شوق رھيو آھي، پر ھاڻي ڇوڪريون به پنھنجي صلاحيتن سان دنيا کي متاثر ڪري رھيون آھن. لياري سان تعلق رکندڙ ڇوڪريون ملڪي ۽ پرڏيھي سطح تي گولڊ ميڊل ۽ ٻيا ميڊل حاصل ڪري رھيون آھن. ڪجھ ڇوڪريون ناروي ڪپ، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جو پرچم لھرائي چڪيون آھن.

ھو روزانو تعليم سان گڏ فٽبال جي ڪوچنگ به حاصل ڪن ٿيون، ھنن جو عزم ۽ جوش ڏسي لڳي ٿو تہ لياريءَ جو مستقبل روشن آھي.

ھاڻي اچون ٿا ڪڪري گرائونڊ ڏانھن، جيڪو لياري جو دل آھي، ماضيءَ ۾ ھي گرائونڊ مٽيءَ جو ڍير ھو، پر تاريخي اھميت سان ڀرپور ھو، ذوالفقار علي ڀٽو جو جلسو، شھيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ جي شاديءَ جو پروگرام به ھن گرائونڊ ۾ ٿيو ھو. سنڌ حڪومت ھن تاريخي جڳھ کي  وڌيڪ خوبصورت بڻايو آھي، ھاڻي ھي گرائونڊ جديد سھولتن سان آراستہ آھي۔ شام جو پوڙھا، جوان ۽ ٻار ھن گرائونڊ ۾ گڏ ٿي راند کيڏندا آھن، ورزش ڪندا آھن ۽ پنھنجي صحت کي بھتر ڪندا آھن۔

لياريءَ ۾ تبديليءَ جو سفر آسان نه ھو۔ گينگ وار جي ڪري علائقي کي خراب نالو مليو، پر حڪومتي آپريشن لياري ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن سان امن قائم ٿيو۔ ھاڻي ھن علائقي ۾ رانديون، تعليم ۽ نوجوانن جون مثبت سرگرميون عام آھن. Right To Play جھڙا پروگرام ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فٽبال ذريعي اعتماد ۽ قيادت سيکاري رھيا آھن.

لياريءَ جو ھن وقت جو چھرو اميد جو پيغام آھي۔ ھن علائقي جا ماڻھو سخت محنتي، پرجوش ۽ باصلاحيت آھن۔ فٽبال، باڪسنگ جون رونڪون ۽ ڇوڪرين جو عزم ڏسي لڳي ٿو تہ لياري پاڪستان جو فخر بڻجي رھيو آھي.

مانجھند مان آيل ھڪ صحافيءَ جي نظر ۾ لياري ھاڻي خوف جو نه پر اميد ۽ ٽيلنٽ جو مرڪز لڳي ٿو۔ وقت جو ڦيرو سچ پچ تہ عجيب آھي۔ جتي ھڪ ڀيري موت جا قصا ھئا، اُتي ھاڻي ڪامیابيءَ جا گيت ڳايا وڃن ٿا۔ لياريءَ جو مستقبل روشن آھي ۽ اتان جي نوجوان نسل کي پنھنجي صلاحيتن سان ملڪ ۽ دنيا کي متاثر ڪرڻو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں