لائیو اسرائيل، ايران امن معاهدي کي سبوتاز ڪري سگھي ٿو: آمريڪي انٽيليجنس

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي انٽيليجنس ادارن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ايران سان امڪاني امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو۔

واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس جائزي ۾ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اهڙا قدم کڻي سگهي ٿو، جيڪي ايران سان ڊگهي مدي واري امن معاهدي لاءِ آمريڪي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا۔

حڪمن موجب اسرائيلي قيادت کي لبنان ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال سبب اندروني سياسي دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جنهن سبب اهڙا فيصلا ٿي سگهن ٿا جيڪي امن عمل کي متاثر ڪن۔

انٽيليجنس رپورٽن موجب اسرائيل حزب الله خلاف لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو ايران سان امڪاني معاهدي جي هڪ اهم نقطي يعني سڀني محاذن تي جنگبندي، سان ٽڪراءُ ۾ اچي سگهي ٿو۔

هڪ آمريڪي عملدار مطابق نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيتن ياهو جي سياسي بقاءَ ايندڙ چونڊن سان جڙيل آهي، جنهن سبب هو حزب الله خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو۔

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيل کي صدر ٽرمپ جي امن منصوبي جي ڪجهه شرطن تي تحفظات آهن، ڇو ته ان سان ايران تي وڌ ۾ وڌ دٻاءُ واري حڪمت عملي متاثر ٿي سگهي ٿي۔

هڪ اڳوڻي آمريڪي عملدار موجب اسرائيلي حلقن کي خدشو آهي ته معاهدو حزب الله خلاف سندن فوجي ۽ دفاعي ڪارروائين جي گنجائش کي محدود ڪري سگهي ٿو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں