پاڪستان مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پھچي ويا: سردار محمد يوسف

فہرستِ مضامین

مذھبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جو چوڻ آھي تہ پاڪستان مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پھچي ويا.

مڪہ مڪرمہ ۾ ادارھ حج جو دورو ڪرڻ بعد بريفنگ ڏيندي سردار محمد يوسف چيو تہ حج مشن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، حج پانڌيئڙن کي 7 ۽ 8 ذي الحج جي وچ واري رات منيٰ پھچايو ويندو.

ھن چيو تہ حج جي اختتام تي موبائل ايپ ذريعي فيڊ بيڪ ورتو ويندو، انگ اکر پاڪستان واپسي تي جاري ڪيا ويندا.

ھن جو چوڻ آھي تہ وزارت حج دوران رھنمائي لاءِ ناظمين جي تربيت ۽ مقرري مڪمل ڪري ورتي، سرڪاري حج اسڪيم تحت ھڪ لک 18 ھزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مڪہ مڪرمہ پھچي ويا آھن.

سردار محمد يوسف چيو تہ شڪايتن ۽ رھنمائي لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ۽ ٽال فري نمبر 24 ڪلاڪ مصروف عمل آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں