لائیو پيٽرول ۽ ڊيزل سستو، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان

فہرستِ مضامین

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽرز به ڀاڙن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪيو آهي۔

آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز فيڊريشن جي صدر پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀاڙن ۾ گهٽتائي وارو فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿيندو۔

واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي۔

حڪومت موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 373 رپين مان گهٽجي 299 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 378 رپين مان گهٽجي 311 رپيا ٿي وئي آھي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں