لائیو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اڄ سرڪاري دوري تي ايران روانو ٿي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اڄ هڪ اهم سرڪاري دوري تي ايران روانو ٿي ويو، جتي هو گاديءَ واري هنڌ تهران ۾ ايراني حڪومت جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو۔

وفاقي گهرو وزير جي ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ٻه طرفي لاڳاپن، خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي۔

ذريعن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهيون به هن ملاقاتن جو اهم موضوع هونديون۔

محسن نقوي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي سلسلي ۾، جيڪي علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، ڪيترائي ڀيرا تهران جو دورو ڪري چڪو آهي۔

سندس هي تازو دورو به علائقائي سفارتڪاري ۽ خطي ۾ جاري اڳڀرائي جي حوالي سان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں