اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف سان برطانوي قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن پاول ملاقات ڪئي آھي.
وزيراعظم آفيس جي پڌرائي مطابق ملاقات دوران شھباز شريف برطانيہ سان مضبوط، مثبت ۽ مستقبل تي ٻڌل تعلقات کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو، وزيراعظم پنھنجي برطانوي ھم منصب سر ڪيئر سٽارمر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار بہ ڪيو.
ملاقات دوران جوناٿن پاول علاقائي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي تعمير ڪردار ۽ خطي ۾ ڳالھين کي ھٿي وٺرائڻ وارين ڪوششن جي ساراھ ڪئي، برطانوي قومي سلامتي جي صلاحڪار پاڪستان جي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ ڪوششن جي بہ ساراھ ڪئي.
ھن چيو تہ برطانوي حڪومت سلامتي، تجارتي، سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جا خواھشمند آھن، برطانوي حڪومت ترقياتي شعبن ۾ ٻہ طرفي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ بہ دلچسپي رکن ٿا.