رينجرز ڳجھي معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪري ڪراچي جي علائقي لالھ آباد ۽ سکڻ مان ڌاڙي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث “لالو گروھ” سان تعلق رکندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان مطابق گرفتار جوابدار حميد اللھ عرف مانو ۽ فريد اللھ جي قبضي مان ھٿيار ۽ 2 موبائل فون مليا آھن.
جوابدار پنھنجي ٻين ساٿين سان گڏجي ڪراچي جي علائقن قائد آباد، ڪورنگي، لالھ آباد ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڌاڙا ۽ موبائل فون ڦرڻ ڪرڻ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آھن.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار حميد اللھ اسٽريٽ ڪرائيم سان گڏوگڏ ڊيزل جي اسمگلنگ ۾ بھ ملوث آھي.
جوابدار عادي ڏوھاري آھي ۽ ان کان اڳ بھ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آھي، جوابدار خلاف ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ مختلف نوعيت جون ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز داخل آھن.