لائیو پنجاب جي ترقي جو سنھرو دور شروع ٿي چڪو آھي: مريم نواز شريف

فہرستِ مضامین

لاھور: وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سريف چيو آھي تھ اللھ تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پنجاب جي ترقي جو سنھرو دور شروع ٿي چڪو آھي.

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف سان اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران اسيمبلي ميمبرن شھرن وانگر ٻھراڙين ۾ بھ سٿرو پنجاب جي تحت صفائي جو مضبوط نظام آڻڻ تي مسرت جو اظھار ڪيو ۽ پنجاب جي 13 ھزار روڊن جي تعمير، مرمت ۽ توسيع جي بھ ساراھھ ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جو چوڻ ھو تھ اللھ تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پنجاب جي ترقي جو سنھرو دور شروع ٿي چڪو آھي، 3 ھزار کان وڌيڪ صحت مرڪزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ھيلٿ ڪلينڪ ۾ تبديل ڪرڻ سان ھيلٿ ڪلچر بدلجي ويو.

ھن چيو تھ پنجاب جو پھريون سرڪاري ڪينسر اسپتال ۽ نواز شريف ميڊيڪل سٽي کي جلد کان جلد مڪمل ڪنداسين، پھريون سرڪاري آٽزم اسڪول مريض ٻارن لاءِ روشني جي ڪرڻ آھي، سرگوڌا ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ٺھڻ سان مريضن کي آساني ۽ سھولت حاصل ٿي، ھر ضلعي ۾ ڪيٿ ليب پراجيڪٽ سبب دل جي مرضن جو فوري ۽ موثر علاج ممڪن ٿي رھيو آھي.

ھن جو چوڻ ھو تھ ھر ضلعي ۾ فاليج جي فوري علاج لاءِ سٽروڪ مئنجمينٽ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پنھنجي ڇت، پنھنجو گھر اسڪيم تحت سوا لک جي لڳ ڀڳ گھر تيزي سان تڪميل جي محرلي ۾ آھن.

مريم نواز وڌيڪ چيو تھ پنجاب ۾ بيروزگار ۽ بي زمين ھارين لاءِ پنھنجي ٻني، پنھنجو روزگار پراجيڪٽ شروع ڪري رھيا آھيون، اليڪٽرڪ بسون پنجاب جي پري پري وارن علائقن ۾ عوام کي آرامدھ ۽ مفت سفر جي سھولت مھيا ڪري رھيون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں