گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران پيش ڪيل 3 قراردادون وڏي اڪثريت سان منظور

فہرستِ مضامین

گڏيل قومن جي 81هين جنرل اسيمبلي جي پهرين ڪميٽي پاڪستان پاران پيش ڪيل ٽي قراردادون وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتيون آهن.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، تخفيفِ اسلحه ۽ عالمي سلامتي بابت ڪميٽي پاڪستان جون پيش ڪيل قراردادون منظور ڪيون.

علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي اعتماد سازي جي قدمن بابت قرارداد بنا ووٽنگ جي منظور ڪئي وئي، جڏهن ته روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد جي حق ۾ 180 ووٽ پيا.

ان کان اڳ غير جوهري هٿيار رکندڙ ملڪن کي جوهري هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌمڪي خلاف تحفظ ڏيڻ بابت پاڪستان جي قرارداد به 122 ووٽن سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه پيو.

پرڏيهي وزارت موجب، پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، اعتماد سازي ۽ علائقائي تخفيفِ اسلحه بابت ڪوششن ۾ اڳڀرو رهيو آهي.

قراردادن جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ سان گڏ هٿيارن جي حوالي سان خطرن کي گهٽائڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں