ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رڪشي جي ڪار سان ٽڪر کانپوءِ ڪار سوار عورت ڪاوڙ ۾ اچي روڊ تي هنگامو ڪري ڏنو، گاڏين کي نقصان پهچائڻ ۽ ٽريفڪ روڪڻ واري واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. پوليس عورت کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو، جڏهن ته سندس وارثن معافي گهرڻ سان گڏ متاثرن جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
گلستان جوهر موڙ وٽ رڪشي جي ڪار سان ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ ڪار سوار عورت ڪاوڙ ۾ اچي روڊ تي هنگامو ڪري ڏنو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
پوليس موجب، واقعو گذريل صبح پيش آيو، جتي رڪشي جي ٽڪر سبب ڪار کي نقصان پهچڻ تي عورت ڪاوڙجي پئي ۽ رڪشي سميت ٻين گاڏين کي پڻ نقصان پهچايو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ عورت کي ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿيندي، ٽريفڪ روڪيندي ۽ ڪار جون چاٻيون طلب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. واقعي واري هنڌ شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جنهن سبب راشد منهاس روڊ کان جوهر موڙ ڏانهن ويندڙ رستي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
وڊيو ۾ عورت کي هڪ هلندڙ ڪار جي بونٽ تي چڙهندي به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن بعد ڪار هلائيندڙ شهري کيس ڌڪو ڏئي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ عورت کي شاهراهه فيصل ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
بعد ۾ عورت جا وارث ٿاڻي پهتا، جتي هنن معافي گهري ۽ متاثر ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.