ڪامران چوڪ ڀرسان فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باھ تي ضابطو آندو ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ ڪامران چوڪ ڀرسان فرنيچر مارڪيٽ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، باهه ڀرسان موجود رهائشي عمارت تائين به پکڙجي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن جي ڪوششن سان باهه تي ضابطو آندو ويو.

ريسڪيو ترجمان موجب باهه وسائڻ واري عمل ۾ 4 فائر ٽينڊرن حصو ورتو ۽ ڪافي ڪوششن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. واقعي کانپوءِ متاثر هنڌ تي ٿڌو ڪرڻ وارو عمل جاري آهي.

ٻئي پاسي هڪ دڪاندار دعويٰ ڪئي آهي ته باهه لڳڻ سبب کيس ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں