ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر اڃا تائين سنڌ لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت مستقبل جي ٻوڏن ۽ موسمياتي خطرن کان بچاءَ لاءِ ورلڊ بئنڪ کان 350 ملين ڊالر جي مالي مدد طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ فلڊ ريزيلينس پروجيڪٽ تحت اها تجويز مالي سال 2027ع لاءِ ورلڊ بئنڪ جي وفد اڳيان پيش ڪئي وئي. منصوبي جو مقصد سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقن کي ٻوڏ، شديد گرمي ۽ ٻين موسمياتي خطرن کان محفوظ بڻائڻ آهي.
سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي وفد وچ ۾ ترقياتي منصوبن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت صوبائي وزير آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي ڄام خان شورو ڪئي.
2022ع جي ٻوڏ ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک ماڻهو متاثر
ڄام خان شورو اجلاس کي ٻڌايو ته 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته صوبو مجموعي طور 9 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي مالي ۽ بنيادي ڍانچي جي نقصان کي منهن ڏئي چڪو آهي.
ٻوڏ سبب 17 لک 10 هزار گهر متاثر يا تباهه ٿيا هئا.
صوبائي وزير موجب سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري وارن 7 ضلعن ۾ هر سال تقريبن هڪ ارب 11 ڪروڙ ڊالر جي معاشي نقصان جو خطرو موجود آهي، جڏهن ته انهن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 22 لک 30 هزار ماڻهو مستقبل جي ٻوڏ کان متاثر ٿي سگهن ٿا.
روڊن، بندن ۽ گهرن جي بحالي
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان سنڌ ۾ جاري منصوبن تحت هن وقت تائين هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر جي مالي مدد متحرڪ ڪئي وئي آهي.
انهن منصوبن تحت 848 ڪلوميٽر کان وڌيڪ روڊن جي بحالي ۽ 205 ڪلوميٽر حفاظتي بندن جي مرمت مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 9 لک کان وڌيڪ گهرن جي تعمير ۽ مرمت پڻ ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه صوبي جي 14 ضلعن ۾ ريسڪيو 1122 جا 26 جديد اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن.
شهري علائقن لاءِ به نئون منصوبو
سنڌ فلڊ ريزيلينس پروجيڪٽ جي هڪ حصي تحت سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري وارن علائقن کي مستقبل جي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ سنڌ جي ثانوي شهرن کي ٻوڏ، شديد گرمي ۽ ٻين موسمياتي خطرن کان محفوظ بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.
منصوبي ۾ شهري ڊرينيج، روڊن، گهٽين ۽ عوامي هنڌن جي بهتري سان گڏ ماحول دوست گرين سلوشنز تي پڻ سيڙپڪاري جون تجويزون شامل آهن.
منصوبي جي منظوري ڪڏھن ٿيندي؟
حڪام موجب منصوبي جي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) کان ڪانسيپٽ ڪليئرنس 30 آڪٽوبر 2026ع تائين متوقع آهي، جڏهن ته پي سي ون جي منظوري ڊسمبر 2026ع تائين حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ورلڊ بئنڪ جي بورڊ کان منصوبي جي حتمي منظوري مارچ 2027ع تائين ملڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.
سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي، بهتر ڊرينيج ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي ذريعي صوبي کي مستقبل جي ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ تيار بڻائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي.