اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف يومِ عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغامن ۾ چيو آهي ته يومِ عاشور صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو۔
صدر آصف علي زرداري چيو ته واقعو ڪربلا رڳو هڪ تاريخي سانحو نه، پر هڪ دائمي پيغام ۽ زنده درسگاهه آهي۔ هن چيو ته يومِ عاشور جي موقعي تي امن، رواداري، احترام ۽ ڀائيچاري جي فضا کي هٿي ڏني وڃي ۽ افواهن توڙي اشتعال انگيز روين کان پاسو ڪيو وڃي۔
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته يومِ عاشور ايمان، صبر، ايثار ۽ معاشري جي اصلاح بابت بي مثال سبق سيکاري ٿو۔ سندس چوڻ هو ته واقعو ڪربلا اهو پيغام ڏئي ٿو ته اصولن ۽ قدرن جي پاسداري ئي مهذب معاشري جي بنياد آهي، ۽ اسان کي عدل ۽ انصاف، صبر ۽ برداشت سميت ذميواري جي اوصاف کي ھٿي ڏيڻ گهرجي۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اختلافن، نفرت ۽ انتشار بدران احترام، هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔