لائیو آمريڪا ۽ يورپ کي گڏيل سلامتي لاءِ متحد رهڻ ضروري آهي: نيٽو سربراهه

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: نيٽو جي سربراهه جنرل مارڪ روٽي چيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ کي پنهنجي گڏيل سلامتي لاءِ متحد رهڻو پوندو۔

اٽلانٽڪ ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي جنرل مارڪ روٽي چيو ته يورپ جو دفاع دراصل آمريڪا جي دفاع سان به ڳنڍيل آهي، تنهن ڪري يورپ ۽ آمريڪا وچ ۾ ويجهو تعاون اڻٽر آهي۔

هن چيو ته ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ سندس چوڻ هو ته آمريڪا جي تازي ڪارروائي ايران جي جوهري ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي سخت نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته ايران جي جوهري پروگرام بابت مسلسل خبردار ۽ چوڪس رهڻ ضروري آهي۔

مارڪ روٽي وڌيڪ چيو ته يورپ پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ خود انحصاري ۾ واڌ آڻي رهيو آهي، پر آمريڪا نيٽو اتحاد جو مرڪزي ۽ اهم ستون رهندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں