قبوسعيدخان ويجهو گهر ۾ داخل ٿي عورت تي ڪهاڙين سان حملو، ناهيده مگسي سخت زخمي

فہرستِ مضامین

قبوسعيدخان (رپورٽ: سڪندر علي کوسو): قبوسعيدخان ويجهو ڳوٺ محمد الياس پنهور ۾ مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي عورت تي ڪهاڙين سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ناهيده مگسي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر قبوسعيدخان منتقل ڪيو ويو.

زخمي عورت جي مڙس محمد الياس آدماڻي مگسي ۽ سندس گهرواري ناهيده مگسي الزام لڳايو ته سندس غيرموجودگي ۾ سندس ڀائٽا ۽ سوٽ گلمير مگسي، الله بخش مگسي، علي گل مگسي ۽ سڪندر مگسي مبينا طور گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ناهيده مگسي تي ڪهاڙين سان حملو ڪيو.

متاثر ڌر موجب حملي ۾ ناهيده مگسي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن بعد کيس علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر قبوسعيدخان منتقل ڪيو ويو.

متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته واقعي بابت قبوسعيدخان ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائي وئي آهي، پر نامزد ماڻهن خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

محمد الياس آدماڻي مگسي جو چوڻ آهي ته کيس نامزد ماڻهن کان جان جو خطرو آهي. هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ايس ايڇ او قبوسعيدخان کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، نامزد ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں