لائیو غزه سنگين انساني بحران جو شڪار، سلامتي ڪائونسل فوري قدم کڻي: پاڪستان

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو آهي ته غزه اڃا تائين سخت انساني بحران جو شڪار آهي، جتي شهري انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ۽ سلامتي ڪائونسل کي فوري قدم کڻڻ گهرجن۔

سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بار بار جنگبندي جي ڀڃڪڙين سبب عام ماڻهن جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي ويون آهن، جڏهن ته غزه ۾ انساني بحران مسلسل شدت اختيار ڪري رهيو آهي۔ غزه ۾ لکين ماڻهو بک ۽ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ ٻار غذائي کوٽ، صحت ۽ تعليم کان محروم آهن۔

پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته فلسطين جي مسئلي ۽ انساني بحرانن جو مستقل حل صرف اهو آهي ته اسرائيلي قبضي جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ 1967 کان اڳ واري سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جغرافيائي طور تي ڳنڍيل فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف هجي۔

هن چيو ته اهو ئي عالمي برادري جو گڏيل ويزن ۽ سياسي رستو آهي، ۽ سڀني ڪوششن کي انهي مقصد ڏانهن وڌڻ گهرجي۔

هن وڌيڪ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي، جنهن تحت مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد، فوري بحالي ۽ فلسطيني عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ قابلِ اعتماد سياسي عمل شروع ڪيو وڃي۔

پاڪستاني سفير چيو ته مغربي ڪناري کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جتي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد، جبري بيدخلي ۽ غير قانوني بستين جي واڌ سبب صورتحال خراب ٿي رهي آهي۔

عاصم افتخار احمد زور ڏنو ته عالمي برادري گڏيل قدم کڻي ۽ فوري، بنا رڪاوٽ ۽ آزاد انساني رسائي يقيني بڻائي وڃي۔ امداد تي لڳل سڀ پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ رفح سميت سڀ سرحدي گذرگاهون امداد، واپاري سامان ۽ طبي انخلا لاءِ کليل ۽ فعال رکيون وڃن۔

هن چيو ته غزه جو محاصرو ڊگهي عرصي کان قبضي ۽ اجتماعي سزا جو ذريعو رهيو آهي، ۽ اهو بين الاقوامي قانون ۽ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهي۔ انساني امداد کي ڪڏهن به هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ محاصرو فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي۔

هن سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته انساني امداد غير مشروط هجي ۽ سياسي ڪوششون پنهنجي جاءِ تي جاري رهن، پر امداد کي سياسي شرطن سان نه ڳنڍيو وڃي۔ گڏيل قومن جي ادارن ذريعي غزه ۾ امدادي سرگرميون بنا مداخلت جاري رهن۔

هن وڌيڪ چيو ته مالي وسيلن جي شديد کوٽ کي فوري طور پورو ڪيو وڃي، ڇو ته 2026 جي هنگامي اپيل صرف تقريباً 12 سيڪڙو فنڊنگ حاصل ڪري سگهي آهي۔ غزه بحالي فنڊ (GRAD) ۽ 17 ارب ڊالر جي بحالي وعدن کي به تيزي سان عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں