نيو يارڪ: ايران جنگ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن جو مستقبل هاڻي صرف وچ اوڀر جي صورتحال تي نه، پر چين جي پاليسين تي به دارومدار رکي ٿو۔
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي رپورٽ موجب عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ ايران آبنائي هرمز کي مستقل طور تي کولڻ ۽ تيل جي ترسيل بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر عالمي تيل مارڪيٽ جو ايندڙ رخ چين جا فيصلا طئي ڪري سگهن ٿا۔
رپورٽ مطابق ايران ۾ جنگ سبب روزانو ھڪ ڪروڙ 10 لک بيرل کان وڌيڪ تيل جي سپلائي متاثر ٿي، پر ان باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ايترو وڏو اضافو نه ٿيو جيترو ڪيترن ماهرن اڳڪٿي ڪئي هئي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال هو ته تيل جي قيمت 200 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، پر ائين نه ٿيو۔
توانائي شعبي سان لاڳاپيل تحقيقي اداري ايمبر جي ماهر ڊين والٽر چيو آهي ته چين ايشيا ۽ عالمي معيشت کي وڏي ڌڪ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔
ماهرن موجب چين تيل جي درآمد گهٽ ڪئي، پنهنجا وڏا ذخيرا استعمال ڪيا ۽ صاف توانائي جو استعمال وڌايو، جنهن سبب اندروني قيمتن تي دٻاءُ گهٽجي ويو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ به اگهه ڪنٽرول ۾ رهيا۔
گذريل ڏينهن برينٽ خام تيل جي قيمت 78 ڊالر في بيرل کان هيٺ آئي، ڇاڪاڻ ته سيڙپڪار اميد رکن ٿا ته آبنائي هرمز ذريعي تيل جو عام واپار جلد بحال ٿي ويندو۔
جنگ کان اڳ برينٽ خام تيل 70 ڊالر في بيرل کان گهٽ هو، جڏهن ته مئي جي شروعات ۾ اهو 114 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو هو، جيڪو گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح هئي۔
فرانسيسي بينڪ سوسائٽي جنرل جي تجزيه نگارن جي رپورٽ موجب 1973ع ۾ عرب ملڪن جي تيل پابندي دوران سپلائي ۾ صرف 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي هئي، پر قيمتون 134 سيڪڙو وڌيون هيون. ان جي ابتڙ ايران جنگ دوران سپلائي جو لڳ ڀڳ 14 سيڪڙو متاثر ٿيڻ باوجود ايترو وڏو اضافو نه ڏٺو ويو۔
تجزيه نگارن موجب ان جو وڏو سبب چين آهي، جنهن کي مارڪيٽ کي توازن ۾ رکڻ وارو “غير مرئي هٿ” قرار ڏنو ويو آهي۔ چين تيل جي درآمد تقريباً 30 لک بيرل روزانو گهٽ ڪئي، جيڪا جاپان جي مڪمل روزاني طلب جي برابر آهي۔
ريسٽاڊ انرجي جي نائب صدر جانيئو شاهه موجب چين جنگ کان اڳ ئي روس ۽ ايران کان سستو تيل خريد ڪري وڏا ذخيرا گڏ ڪري ڇڏيا هئا۔
ماهرن موجب هن وقت چين وٽ تجارتي ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرن ۾ ھڪ ارب بيرل کان وڌيڪ تيل موجود آهي، جنهن جو استعمال مئي کان شروع ڪيو ويو آهي۔ چين ڊيزل ۽ پيٽرول جي برآمد به محدود ڪئي آهي ته جيئن مقامي ضرورتون پوريون ٿي سگهن۔
ٻئي طرف چين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تيزي سان وڌندڙ مقبوليت به تيل جي طلب گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جتي لڳ ڀڳ هر ٻن نين گاڏين مان هڪ نئين توانائي تي هلندڙ آهي۔ بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي اندازي موجب گذريل سال صرف اليڪٽرڪ گاڏين سبب چين ۾ روزانو لڳ ڀڳ 10 لک بيرل تيل جي بچت ٿي۔
لانٽاؤ گروپ جي توانائي ماهر ڊيوڊ فشمين چيو ته هي عالمي تيل مارڪيٽ لاءِ هڪ حفاظتي والو ثابت ٿيو آهي، پر ماهرن خبردار ڪيو آهي ته چين هميشه پنهنجن ذخيرن تي ڀاڙي نٿو سگهي۔
بين الاقوامي توانائي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز جلد کلي ٿي ته ايندڙ سال تيل جي سپلائي طلب کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، ۽ 2027 تائين روزانو لڳ ڀڳ 47 لک بيرل اضافي سپلائي ٿي سگهي ٿي۔
رپورٽ موجب جيڪڏهن هرمز کوليو ويو ته لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ بيرل تيل ٻيهر عالمي مارڪيٽ ۾ اچي سگهي ٿو، جڏهن ته ايران به پابنديون نرم ٿيڻ جي صورت ۾ پيداوار وڌائي سگهي ٿو۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ملڪن اڳ ئي اونهاري جي ضرورتن لاءِ تيل خريد ڪري ورتو آهي، تنهنڪري اضافي سپلائي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ سڀ کان اهم ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر چين ئي ٿي سگهي ٿو۔