سکر(رپورٽر) آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين جي مرڪزي سڏ تي سکر ۾ به واپڊا ملازم پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪري آيا ۽ نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاجي مظاهري ۾ واپڊا جي سوين ملازمن شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي خليل ڊومڪي، شجاع گهمرو، زاهد شاهه، عبدالمالڪ سومرو ۽ ٻين ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت واپڊا کي نجڪاري ڪري هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هنن چيو ته حڪومت اڳ ۾ پي آءِ اي کي پرائيويٽ ڪري هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو، هاڻي ساڳيو عمل واپڊا سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
درگاهه جي ملڪيتن تي تڪرار، سيد اختيار علي شاهه جو مبينا قبضا ختم ڪرائڻ جو مطالبو

سکر (رپورٽر) سکر جي راهوجا ڀرسان درگاهه حضرت انباهه جي بزرگ سيد ولايت علي شاهه جي فرزند سيد اختيار علي شاهه پنهنجي ڀائٽين تي ملڪيتن تي مبينا قبضي ۽ ڌمڪين جا الزام هڻندي سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
سيد اختيار علي شاهه چيو ته سندس والد سيد ولايت علي شاهه جيڪا ملڪيت ٺاهي، ان تي سندس ڀائٽيا سيد جان محمد شاهه، سيد ڪامل علي شاهه، سيد تاج محمد شاهه ۽ سيد حق موجود شاهه مبينا طور قبضو ڪري ويٺا آهن.
هن چيو ته هو سيد ولايت علي شاهه جو سڳو فرزند ۽ قانوني وارث آهي، پر ان باوجود کيس سندس جائز حق کان محروم رکيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته بابا سائين جون پوري سنڌ ۾ موجود خانقاهون، مئخانا ۽ چار حويليون پڻ مبينا طور بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان کين سندن ملڪيت واپس نه پئي ڪئي وڃي.
سيد اختيار علي شاهه وڌيڪ چيو ته معاملي جي حل لاءِ سردار علي نواز خان گهوٽو وٽ به ويا هئا، پر مخالف ڌر ڪنهن به ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ناهي. هن الزام هنيو ته حق گهرڻ تي کين ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.
هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، مبينا قبضا ختم ڪرائي کين سندن قانوني حق ڏياريو وڃي.