سڀاڻي کان ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي جو امڪان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آھي.

موسميات کاتي ڪراچي  سميت پوري صوبي لاءِ الرٽ جاري ڪندي لکيو آھي تہ اولھ کان ھوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان جي ڏکڻ ۽ اولھ وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آھي، جنھن سبب اڄ کان چار اپريل تائين ڪراچي، ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو ۽ قمبرشھدادڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آحي

موسميات کاتي سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، مٽياري، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ ھلڪي برسات جڏھن تہ سڀاڻي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آھي

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ شھر جي ڪجھ علائقن ۾ وچولي، ڪجھ علائقن ۾ زوردارر برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آھي، تيز ھوائن، ڳڙي ۽ وڄ ڪرڻ سبب بجلي جا پول، سولرپينلز ۽ بل بورڊ سميت بيٺل فصلن کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں