لائیو سنڌ جي تعليم کاتي جو نئون نظام، حاضري هاڻ چهري جي سڃاڻپ سان ٿيندي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن ۾ ملازمن جي حاضري لاءِ چهري جي سڃاڻپ (فيس ريڪگنيشن) تي ٻڌل نئون حاضري نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

تعليم کاتي جي ذريعن موجب، غير حاضر رهندڙ ۽ مبينا جعلي ڊگريون رکندڙ ملازمن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سال 1989ع کان 2020ع تائين ڀرتي ٿيل ملازمن جي ڊگرين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

تعليم کاتي جي ذريعن موجب، جاچ جي عمل دوران هزارين ملازم وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

ذريعن مطابق، هيل تائين لڳ ڀڳ 15 هزار استادن ۽ غير تدريسي ملازمن وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں