نيو يارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي سخت مذمت ڪندي شهري هوائي اڏن ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بحيرهٔ احمر ۽ باب المندب سامونڊي لنگهه ۾ تجارتي جهازن خلاف حوثين جي مسلسل حملن ۽ ڌمڪين جي به مذمت ڪئي.
بيان ۾ تجارتي جهازن ۽ انهن جي عملي جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي بين الاقوامي قانون، خاص طور تي گڏيل قومن جي سامونڊي قانونن واري ڪنوينشن جي پاسداري ۽ آزاد سامونڊي آمدرفت جي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو ويو.
سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن چيو ته يمن ۾ پائيدار امن تشدد، جبر يا طاقت جي استعمال ذريعي حاصل نٿو ڪري سگهجي.
سلامتي ڪائونسل يمن جي تڪرار جي سياسي حل لاءِ پنهنجي حمايت ورجائيندي چيو ته مسئلي جو مستقل حل صرف ڳالهين ۽ سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي.