روھڙي (رپورٽ: نبي بخش):باگڙي برادري سان تعلق رکندڙ عورت ڦولن وتي زال گيان چند باگڙي، مڙس ۽ ساهرن خلاف مبينا تشدد ۽ مال ملڪيت تي قبضي جا الزام لڳائيندي روھڙي پريس ڪلب پهچي وئي.
عورت الزام لڳايو ته سندس مڙس مختلف نشا واپرائي ٿو، جڏهن ته مڙس ۽ ساهراڻن مبينا طور سندس رقم، سون ۽ ٻڪريون پنهنجي قبضي ۾ وٺي، کيس تشدد ڪرڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو.
ڦولن وتي موجب مسلسل مبينا تشدد سبب هوءَ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت بيوس ۽ بي سهارا زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
عورت راجو باگڙي، پرديپ، درشن باگڙي ۽ سس سميت ٻين ساهرن خلاف الزام لڳائيندي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هن مطالبو ڪيو ته يا ته کيس پنهنجي گهر ۾ عزت ۽ تحفظ سان رهڻ ڏنو وڃي يا سندس رقم، سون، چوپايو مال ۽ ٻين ملڪيت بابت قانون موجب حق واپس ڏياريو وڃي.
ڦولن وتي خدشو ظاهر ڪيو ته کيس جان جو خطرو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس ڪو نقصان پهتو ته ان جي ذميواري سندس مڙس ۽ ساهرن تي هوندي.