دھشتگردي کي ڪيئن منھن ڏجي؟ حڪومت جو انٽيليجنس آپريشن جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي ۽ اندروني سلامتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مختلف شعبن ۾ هيل تائين کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

اجلاس دوران خيبرپختونخوا جي 12 ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اي آر ڊي سي جي هيل تائين ڪارڪردگي تي پڻ غور ڪيو ويو.

وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ خيبرپختونخوا لاءِ وفاقي حڪومت جي 160 ارب رپين جي پيڪيج تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں