اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخوا ۾ ٿري ايم پي او (3-MPO) تحت گرفتارين کان روڪڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جا 12 آڪٽوبر يا ان کانپوءِ جاري ڪيل حڪم معطل ڪري ڇڏيا آهن.
وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 245 تحت جتي هٿياربند فوجون شهري انتظاميا جي مدد لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيون هجن، اتي آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽ جا عدالتي اختيار محدود ٿي وڃن ٿا.
عدالتي حڪم موجب خيبرپختونخوا حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي عبوري حڪمن کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو، جن تحت ٿري ايم پي او تحت گرفتارين کان روڪيو ويو هو. اهو معاملو سهيل آفريدي ۽ ٻين جي درخواستن سان لاڳاپيل آهي.
چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت قرار ڏنو ته آرٽيڪل 245 جي آئيني تشريح ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي اختيارن بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت خيبرپختونخوا جي ايڊووڪيٽ جنرل کي ستن ڏينهن اندر انهن علائقن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، جتي شهري انتظاميا جي مدد لاءِ فوج جي موجودگي يا فرضن جي ادائيگي وڌيڪ ضروري ناهي.
وفاقي آئيني عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي غيرمعينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.