اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور نه پئي ڪري، پر هو پاڻ ٽڪراءَ واري صورتحال ڏانهن وڌي رهيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن گذريل ڏيڍ سال کان جاري آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي موڪليل نوٽيس جو سندس موجوده سياسي سرگرمين سان ڪو به تعلق ناهي.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان بابت رانا ثناءُ الله جو بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم جو خيال آهي ته هن معاملي مان حڪومت کي فائدي بدران نقصان ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن وزيراعظم واقعي ائين سمجهي ها ته وفاقي وزير مولانا جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪن ها.
طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته حڪومت مولانا فضل الرحمان کي احتجاج ۽ روڊن تي اچڻ لاءِ نٿي ڌڪي، پر هو پاڻ ٽڪراءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ بنا ڪنهن سبب جي تلخي پيدا ڪري رهيا آهن.