اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد به مال بردار گاڏين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي.
پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 41 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 352 رپيا 59 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 56 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئون اگهه 382 رپيا 25 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 6 نومبر کان لاڳو ٿي ويون آهن.
هوڏانهن پيٽرول ۽ ڊيزل سستا ٿيڻ کانپوءِ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد مال بردار گاڏين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل چئن کان پنجن ڏينهن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن وزيراعظم ۽ وفاقي وزير پيٽروليم جا ٿورا مڃيندي مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽ شعبي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيڪ گهٽايون وڃن.