لائیو پاڪستان ۽ سعودي عرب سان دفاعي اتحاد ۾ ترڪي بہ شامل، مڪہ معاهدي جي منظوري ملي وئي

فہرستِ مضامین

انقره (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ترڪي جي پارليامينٽ پاڪستان ۽ سعودي عرب سان ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي.

ترڪي جي سرڪاري خابرو اداري ٽي آر ٽي موجب پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين فواد اوڪتاي معاهدي جي منظوري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هي اتحاد مڪمل طور دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان جو مقصد ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪرڻ ناهي.

ترڪ پارليامينٽ جي 600 رڪني ايوان ۾ معاهدي جي منظوري لاءِ 279 ميمبرن حق ۾، جڏهن ته 119 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنا. جمعي جي صبح پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ معاهدو لاڳو ٿي ويو آهي.

معاهدي جي اهم شق موجب اتحاد ۾ شامل ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. ترڪ خبر رساں اداري موجب ان اڳڀرائي کانپوءِ يمن جي حوثي ويڙهاڪن طرفان سعودي عرب تي حملن جي پسمنظر ۾ انقره لاءِ رياض کي فوجي مدد فراهم ڪرڻ جو رستو پڻ هموار ٿي سگهي ٿو.

ياد رهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ اهو گڏيل دفاعي معاهدو 7 آگسٽ تي سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ طئي ٿيو هو، جنهن تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف صحيحون ڪيون هيون.

معاهدي جو مقصد گڏيل سلامتي کي مضبوط ڪرڻ، دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقي توڙي عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ آهي.

ترڪ پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين فواد اوڪتاي واضح ڪيو آهي ته ترڪي کي پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪنهن به غير متوقع فوجي سرگرمي ۾ شامل نه ڪيو ويندو، جڏهن ته مستقبل ۾ فوجي دستن جي مقرري لاءِ پارليامينٽ جي منظوري لازمي هوندي.

اتحاد ۾ شامل ٽنهي ملڪن جا وزير هن وقت تائين ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪري چڪا آهن، جن مان هڪ ملاقات استنبول ۽ ٻي رياض ۾ ٿي هئي. گذريل مهيني ٽنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ پڻ ڳالهيون ڪيون هيون، جن جو مقصد ايران خلاف آمريڪي جنگ جي پسمنظر ۾ خطي ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ ۽ جنگ کي وڌڻ کان روڪڻ هو.

معاهدي تحت دفاعي اتحاد جو سيڪريٽريٽ سعودي عرب ۾ قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته رٽائرڊ پاڪستاني جنرل نعمان محمود کي اتحاد جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي، جيڪو امڪاني طور ٽن سالن تائين ذميواريون نڀائيندو.

معاهدي موجب ٽئي ملڪ 10 سالن تائين ان جا پابند رهندا، جڏهن ته ڪنهن به ميمبر ملڪ کي اتحاد مان نڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں